ڀيم پلاسي

ڀيم پلاسي (راڳڻي ):ڪافي ٺاٺ جي آڊو سمپورن راڳڻي آهي. هن جي آروهي ۾ رکب ۽ ڌيوت ورج آهن، ۽ ان جي امروهي سمپورن اٿس- مڌم جو سر وادي ۽ نياس آهي. مڌم جو سر وادي هجڻ ڪري ڌناسري کان الڳ آهي. امروهي سمپورن هجڻ ڪري ڌاني به نه ٿي ٿي سگهي. هن راڳڻيءَ ۾ ڌيوت ۽ رکب ڪومل آهن. هن ۾ کرج پنچم ۽ مڌم قيام جا سُر آهن. هن جي خاص تان: سا- نِا سا ما گا- ري سا- نِا سا- گا- ما- پا ما- گا- ري سا آهي. هن جي آروهي: پا سا گا ما- پانا سا ۽ امروهي: سا نا ڌي پا ما- گاري سا آهي، جڏهن ته وادي سُر: مڌم ۽ سموادي: کرج ۽ ڳائڻ جو وقت ٽپهري آهي. (راگ ساگر ۾ وادي سُر پنچم ٻڌايل آهي.)


لفظ ڀيم پلاسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو